تاريخ انشاءَ

تاريخ انشاءَ (ڪتاب ):هي خطن جو قلمي مجموعو آهي، جنهن ۾ 35 خط آهن، جن مان 10 کان 20 ۽ 27، 34 ۽ 35 جو تعلق واضح طور ڪلهوڙن سان آهي. ڪن خطن جي لکڻي ۽ ڪن ٻين خصوصيتن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهي منشي عبدالرؤف جا لکيل آهن. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ”هن مجموعي ۾ آيل خط سنڌ، ملتان، دهلي، بلوچستان ۽ افغانستان جي اهم معاملن ۽ مسئلن بابت آهي. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر جي باري ۾ هن مجموعي ۾ اهي مکيه واقعات آيل آهن، جن جو اڃا تائين تاريخ ۾ ذڪر نه ٿيو آهي.“ خطن جو هي مجموعو اڃا تائين نه ڇپيو آهي. هي مجموعو منشي عبدالرؤف ۽ ميان هارون 1167هه/ 1753ع کان اڳ ۾ مرتب ڪيو هو ۽ ان جو هڪ نسخو پير حسام الدين راشدي جي لئبرريءَ ۾ موجود هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو